شاهه رڪن عالم جو مقبرو

شاهه رڪن عالم جو مقبرو

شاهه رڪن عالم جو مقبرو

شاهه رڪن عالم جو مقبرو: هيءُ مقبرو سهروردي طريقي جي روحاني بزرگ ۽ عالم شيخ بهاؤالدين ذڪريا جي پوٽي، شاهه رڪن الدين عالم جو آهي، جنهن کي عام طور ‘شاهه رڪن عالم’ چيو وڃي ٿو. هي مقبرو ملتان ۾ واقع آهي.
شاهه رڪن عالم 9 رمضان المبارڪ 649 هجريءَ بمطابق 26 نومبر 1251ع تي ملتان ۾ پيدا ٿيو هو. پنهنجي والد جي وفات کانپوءِ هن سهروردي تعليم ۽ تبليغ جي سلسلي کي جاري رکيو ۽ پنهنجي روحاني توڙي عالماڻي اثر جي ڪري اعليٰ مرتبو ماڻيو. هن ڪيترا ڀيرا دهليءَ جو دورو ڪيو ۽ تغلق شهنشاهن تي پنهنجو گهرو اثر ڇڏيو. سندس دور ۾ سهر وردي طريقو ملتان ۾ پنهنجي عروج تي پهتو. چيو وڃي ٿو ته مقبري واري جاءِ غياث الدين تغلق ديپالپور جي گورنريءَ دوران شاهي تعمير لاءِ مخصوص ڪئي هئي، پر پوءِ فيروز شاهه تغلق اها زمين شيخ رڪن الدين جي بزرگن جي مدفن لاءِ مخصوص ڪري ڇڏي. شاهه رڪن عالم جي وفات 84 ورهين جي عمر ۾ 3 جنوري 1335ع ۾ ٿي. کيس ڏاڏي بهاءُ الدين زڪريا جي مقبري ۾ دفن ڪيو ويو، جيڪو مقبرو 1320- 1324ع ۾ بادشاهه غياث الدين تغلق ٺهرايو هو.
هن اٺڪنڊي شڪل ۾ ٺهيل مقبري جو اندريون قطر 58 فوٽ آهي. هر ڪنڊ تي 26 فوٽ اوچا منارا ٺهيل آهن، جيڪي عمارت جي تري کان شروع ٿي ٻيڙٻني تي پهچن ٿا. ٻيڙٻني کان مٿي فوٽ سوا فوٽ تي هر مناري جي مٿان گنبذ ٺهيل آهي، جنهن کي ڪلس ڏنل آهي. ٻيڙٻني تائين به جنسار ٿيل آهي. هي مقبرو اٺڪنڊو آهي. مقبري جي هر ڪنڊ تي هڪ قسم جو مينار ٺهيل آهي. مينارن تي وقفي وقفي سان جنسار ٿيل آهي. اٺڪنڊي مقبري تي شاندار اٺڪنڊو ڳچ ٺهيل آهي، جنهن جي مٿان گنبذ ڏنل آهي. ڳچ تي به جنسار ٿيل آهي، جو هر طاق ۾ هڪ جنسار سان دري ڏنل آهي. ڳچ جي طاق تي ننڍي گنبذڙي ۽ ان جي مٿان ڪلس ٺهيل آهي. ڳچ کي به ٻيڙٻنو ڏئي، ان تي ڪاشيءَ جو جنسار ڪيو ويو آهي. گنبذ سفيد رنگ جو آهي.
مقبرو ٿلهي تي هئڻ سبب 12 کان 15 ميلن جي فاصلي تان به نمايان ڏسڻ ۾ ايندو آهي. هي سڄو مقبرو ڳاڙهين سرن سان تعمير ٿيل آهي ۽ خوبصورتيءَ لاءِ اڇي ۽ گهري نيري رنگ جي ڪاشيءَ جون سرون لڳل آهن. مزار بلڪل سادي، سرن ۽ پلستر سان ٺهيل آهي. هن مقبري جو گنبذ، بيجاپور (هندستان) ۾ اڏيل مسجد ‘گول گنبذ’ کانپوءِ دنيا جو ٻيو وڏو گنبذ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو